المدة الزمنية 3:46

ٺري ميرواھ ۾ نوجوان کي زهر ڏئي معذور ڪرڻ جو انڪشاف,امڙ پاران انصاف نه ملڻ تان پاڻ ساڙڻ جو چتاء

بواسطة DD Pak News
308 مشاهدة
0
11
تم نشره في 2021/07/30

ملير رپورٽ( رپورٽر) ٺري ميرواھ ۾ نوجوان کي زهر ڏئي معذور ڪرڻ جو انڪشاف,امڙ پاران انصاف نه ملڻ تان پاڻ ساڙڻ جو چتاء تفصيل موجب ـ نوجوان اختر پرويز شر جي امڙ رابعه خاتون ملير ۾ ڊي ڊي پاڪ نيوز سان ڳالھيندي چيو ته منهنجو پٽ پنهنجي وڪرو ڪيل زمين جا پيسا وٺڻ لاء جوابدارن عبدالرشيد ,سجاد,جاويد ڏانھن ويو.جنهن چانھ ۾ زھر ڏئي ڇڏو.اڌ مئو حالت ۾ گھر پھتو.مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ دوران خبر پئي ته اختر پرويز کي بينزڊيازپين زھر جو ھيوي ڊوز يعني900ايم جي ڏنل آھي.ڊاڪٽر مطابق ھي زھر انسان کي معذور ڪرڻ سان گڏ آھستا آھستا ختم ڪندو .جنهن جي وجھ سان گھڻي تڪليف ٿيندي آھي.اختر پرويز شر جي امڙ وڌيڪ ڳالھيندي چيو ته اٽڪل چالهيه کان پنجاه لک علاج تي خرچ ٿي چڪا آھن. پر ڪو نه فائدو ناھي ٿيو.پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪاروائي ڪا نه ٿي ڪري.وس وارن کي اپيل ٿي ڪيا جيڪڏھن مونکي انصاف فراھم نه ڪيو ويو ته ٻي صورت پنھنجي معصوم ٻچڙن سميت پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندس جنھن جا ذميوار پوليس آفيسر ۽ بااثر ھوندا

الفئة

عرض المزيد

تعليقات - 5